اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ??هي ته جي ايس پي پلس پاڪستاني روانگي واپار جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ??هي ۽ ملڪ جي معيشت کي متنوع بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آه??، ان جي فائدن کي مستقل بڻائڻ ??اء?? معيار ۽ پاليسين کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي برقرار رهي. اهڙو اظهار هن فريڊرڪ نعمان فائونڊيشن تحت واپار ذريعي بهتر گورننس کي هٿي ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جي ايس پي پلس پروگرام پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو آه???? ٽيڪسٽائل، چمڙي جي سامان ۽ زرعي مصنوعات جي شعبي کي فائدو پهتو آه???? ٽيڪسٽائل يورپي يونين جي پاڪستاني روانگي واپار جي ڪرنگهي جي هڏي آه??، جي ايس پي پلس تحت وڌندڙ روانگي واپار جا موقعا پيدا ڪيا ۽ غربت ۾ گهٽتائي آندي. احسن اقبال چيو ته يورپي يونين ۽ پاڪستان جون ڳالهيون ماحولياتي معيارن ۽ گورننس سڌارن تي ٻڌل آه??، پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ۽ هنر جي ترقي ??اء?? يورپي يونين کي واپاري پاليسي مان فائدو کڻڻ گهرجي، يورپي يونين سان واپاري حصيداري پاڪستان ??اء?? اهم آه??، احسن اقبال چيو ته جي ايس پي پلس پروگرام اقتصادي ترقي، گورننس ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آه??، واپار، سول سوسائٽي ۽ عالمي برادري وچ ۾ تعاون ضروري ??هي ته جيئن ان پروگرام جي مڪمل صلاحيت کي يقيني بڻائي سگهجي. حڪومت جي پائيدار ترقياتي ايجنڊا ۾ واپار ۽ روانگي واپار کي اولين ترجيح ڏني و ئي آه??، پائيدار معاشي استحڪام ??اء?? موثر قدم کنيا پيا وڃن. احسن اقبال چيو ته معاشي استحڪام ??اء?? پبلڪ پرائيويٽ حصيداري اهم ثابت ٿيندي، 5 ايز فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ، انرجي، ايڪويٽي، اي پاڪستان ۽ انوائرمينٽ شامل آه??. ملڪي معيشت مثبت رخ تي گامزن آه??. جي ايس پي پلس سان يورپي منڊين ??اء?? پاڪستان جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو، موسمياتي تبديلي جي اثرن سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته مستقبل ۾ 2022ع جهڙي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ ??اء?? منصوبابندي ڪرڻي پوندي. پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي ??اء?? وسيع موقعا موجود آه??، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ??اء?? نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ??اء?? قدم کنيا پيا وڃن، جي ايس پي پلس تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ ??اء?? جلد ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي. روانگي واپار تي ٻڌل معيشت سان ئي پائيدار ترقياتي هدفن جي حاصلات ممڪن آه??.