اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ 3 پ??ڪس??اني قيدين جي وطن واپسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن، پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه گهري مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪ- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي رهيا آهن. گهرو وزير ترڪيه جي هم منصب کي پ??ڪس??ان جي دؤ??ي جي دعوت ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته پ??ڪس??ان ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو دؤ??و ڪندس. ترڪيه جي گهرو وزير پ??ڪس??اني قيدين جي وطن واپسيءَ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ان سلسلي ۾ ماهرن جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي انقره ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، دهشتگرديءَ جو خاتمو هن وقت هڪ عالمي چئلينج آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوري دنيا کي ان ناسور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع قدم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گهرو وزير ساها انٽرنيشنل اي??سپ?? تي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ترڪيه جي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.