اسلام آباد-18 آڪٽوبر (ا?? پي پي) پاڪستان ڪر??يٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئ??مي?? محسن نقوي ملتان ٽي??ٽ کٽڻ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آھي ته ڊگھي عرصي بعد ھوم ٽي??ٽ ميچ ۾ ڪاميابي جو ڪريڊٽ قومي ٽيم جي محنت جو نتيجو آھي. جمعي ڏينھن گھرو وزير محسن نقوي پنھنج?? پيغام ۾ چيو ته ساجد خان ۽ نعمان علي شاندار بالنگ ڪري تيسٽ ميچ جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو ته ڪامران غلام پھرين ئي ميچ ۾ سينچري ٺاھي پنھنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاھرو ڪيو. ھن چيو ته محنت، جذبي ۽ پروفيشنل سوچ سان ٽيم راند کيڏي ۽ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽيم ۾ نئين رانديگر پنھنجي سليڪشن کي درست ثابت ڪيو ۽ اميد آھي ته انگلينڊ خلاف ٽئين ۽ آخري ٽي??ٽ ميچ ۾ به قومي ٽيم بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي سيريز پنھنجي نالي ڪندي.