دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت سميت فروغ حاصل ڪندڙ اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا دستياب آهن، حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ??يو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي ??قتصادي ترقي ۾ قطر جي ??عاون ??ي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??زم جو اظهار ??يو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ??يو. وزيراعظم قطر ۾ موجود پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي ??ڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هتي رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي ??رقي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرامن حل ۽ گڏيل تعاون جي ??رورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه تڪرار تي قطر جي ??صولي موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ان جي مسلسل ڪوششن کي به ساراهيو. هن تڪرار جي ??ل ۽ غزه جي ??وام جي مصيبتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قطر جي ??نساني همدرديءَ جي قدمن ۽ سفارتي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي فروغ جي لاءِ قطر جي ??هميت کي تسليم ڪندي ڳالهه ٻولهه جي ??هولتڪار ۽ علائقائي تڪرارن جي منصفاڻي حل جي لاءِ قطر جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني خطي ۾ پاڪستان جي ??سٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪندي اقتصادي ترقي ۽ علائقائي استحڪام جي قطر جي ويزن موجب پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ??زم جو اظهار ??يو. قطر جي وزيراعظم افغانستان سميت خطي ۾ امن امان جي فروغ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??زم جو اظهار پڻ ??يو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ??ي فروغ ڏيڻ ۽ ترقي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جاري رکڻ تي ات??اق ??يو. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان جي متنوع اقتصادي شعبن جنهن ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت ۾ سيڙپڪاري جي ??عوت ڏني. هن غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي ??زم ۽ حڪمت عملي بابت قطر جي وزيراعظم کي آگاهه ??يو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي ??مير ۽ وزيراعظم شيخ محمد عبدالرحمان الثاني پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سندس هي دورو پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي، گڏيل احترام ۽ تعاون جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائيندو.