اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، ??ماجي ۽ اقتصادي ت??قي لاءِ ضروري آهي، سياحت جي ت??قي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي، پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثو سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، ??ماجي ۽ اقتصادي ت??قي لاءِ ضروري آهي. پاڪستان ۾ موجود سياحت جا تمام گهڻا موقعا معيشت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سياحت معيشت جي مضبوطي ۽ مختلف ثقافتن ۾ هم آ??نگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جو تاريخي، ??قافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي دنيا جي سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائي سگهي ٿو. سياحت جي ت??قي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي. پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي لحاظ کان هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن کي مڃيندڙن کي انهن جي ت??ريخي ۽ مذهبي هنڌن تائين بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آ??ي. حڪومت سياحت ذريعي سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي جي ت??فظ لاءِ پرعزم آ??ي. پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثو سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي، ??ياحت کي هٿي ڏيڻ سان روزگار جي موقعن ۽ مقامي آبادي جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو.