اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس مالم جبا ۽ سوات ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذم?? ڪندي چيو آهي ته آچر ڏينهن م??لم جبا ۽ سوات جي دوري کانپوءِ اسلام آباد ويندڙ سفارتڪارن جي هڪ گروپ هڪ واقعي جو مشاهدو ڪيو. ترجمان چيو ته ان واقعي ۾ هڪ ايڊوانس اسڪائوٽ پوليس جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ترجمان چيو ته سفارتڪارن جو ا??و گروپ حفاظت سان اسلام آباد پهچي ويو آه??. ت??جمان چيو ته اسان جون همدرديون ان واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ ٽنهي زخمين جي وارثن سان گڏ آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو احترام ڪريون ٿا جيڪي دهشتگردن آڏو ثابت قدم رهن ٿا. اهڙي طرح جا قدم پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ جي عزم کي روڪي نٿا سگهن.