اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي ترقي، ماڻهن جي رهڻي ڪه??ي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ وسيلن ۽ آبادي جي ماپي جي وچ ۾ توازن پي??ا ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن کي معياري ??عليم ۽ پي??يواراڻي تربيت جي فراهمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پي??ام ۾ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان آبادي جي مسئلن جي اهميت ۽ قومي ترقي تي ان جي گهري ??ثرن تي غور ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري ??ان گڏ آهيون. پاڪستان جي آبادي، جنهن جو ڪاٿو هن وقت اٽڪل 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ ان ۾ 2.55 سيڪڙو جي بلند ترين شرح سان اضافو ٿي رهيو ۽ اندازو لڳايو ويو آهي ته پاڪستان جي آبادي 2030ع تائين 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع تائين 38 ڪروڙ 30 لک ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته هن سال جي آبادي جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”سڀني جي لاءِ هڪ لچڪدار ۽ برابر مستقبل جي لاءِ جامع ڊيٽا جي تياري“ آهي جيڪو پاڪستان جي لاءِ اسان جي ويزن جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ته اسان جي پاليسين ۽ پروگرامن ۾ سڄي پاڪستان مان هر شخص، ڪميونٽي ۽ آواز کي شامل رکيو وڃي. جامع ڊيٽا اسان کي صحت ۽ تعليم کان وٺي معاشي موقعن ۽ سم??جي تحفظ تائين انهن شعبن جي نشاندهي جي قابل بڻائي ٿو جيڪي اسان جي ڪوششن جا گهرجائو آهن. وزيراعظم چيو ته معاسي ترقي، ماڻهن جي رهڻي ڪه??ي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ وسيلن ۽ آبادي جي ماپي جي وچ ۾ توازن پي??ا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي حڪومت کي مختلف ضرورتن ۽ آبادي جي چئلينجز جو پوري ??رح ادراڪ آهي. اسان هڪ اهڙي معاشي جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪم ڪري ??گهون ٿا جتي پنهنجي وسيلن ۽ ترقي جي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي. وزيراعظم چيو ته آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 65 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ آبادي جو اهو تناسب ملڪ جي لاءِ موقعن ۽ چئلينجز جو سبب آهي. هڪ طرف پاڪستان جا نوجوان معاشي ترقي، جدت ۽ سم??جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت رکن ٿا، ٻئي طرف نوجوانن جي وڏي آبادي کي تعليم، روزگار ۽ سم??جي انضمام جي حوالي سان پڻ چئلينجز درپيش آهن. اسان جي حڪومت تيزي سان اڀرندڙ عالمي معيشت ۾ مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ان نوجوان نسل کي معياري ??عليم ۽ هنر جي تربيت فراهم ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن ۾ پوري ??رح پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا وسيع موقعا پي??ا ڪري ??هيا آهيون ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهن. وزيراعظم سمورين لاڳاپيل ڌرين، سرڪاري ??دارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ عالمي حصيدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي بهتر مستقبل جي لاءِ اسان جي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائين. اسان هڪ اهڙو پاڪستان جوڙي سگهون ٿا جتي ماڻهن کي آبادي جي پائيدار واڌويجهه جي ذريعي عزت، سلامتي ۽ خوشحالي جي زندگي ميسر هجي.