اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي ??يو آهي ته ان فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??ندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري ??زه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي فيصلي تي فوري ??مل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. هن ??يو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم ??يو ته عدالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃ??، فيصلو مظلوم انسانن جي فتح آهي، فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃ??. هن ??يو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد جي فوري فراهمي جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃ?? ته جيئن مظلوم انسانن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??ندو رهندو.