رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا ??ي وزير??عظ?? انور ابراهيم پاڪستان ۽ ملائيشيا ??ي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا ??ي وزير??عظ?? انور ابراهيم ??ي وچ ۾ رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزير??عظ?? شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ??ي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ??ي وچ ۾ 4 مارچ 2024ع تي وزير??عظ?? جو عهدو سنڀالڻ ۽ 10 اپريل 2024ع تي عيدالفطر جي موقعي تي ٽيليفونڪ رابطو ٿي چڪو آهي. وزير??عظ?? ملائيشيا ??ي وزير??عظ?? جي قيادت کي ساراهيندي فن ۽ ادب خاص طور تي پاڪستان جي قومي شاعر علامه اقبال بابت سندس علم کي ساراهيو. ملائيشيا ??ي وزير??عظ?? ڪجهه جُملا ??رد?? ۾ ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن جو ذڪر ڪيو جتي ماضي ۾ ملائيشيا جا شاگرد ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪندا هئا. ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو ۽ غيرمعمولي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا ??ي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. وزير??عظ?? شهباز شريف ملائيشيا ??ي واپاري ۽ ڪاروباري وفدن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزير??عظ?? ملائيشين وزير??عظ?? انور ابراهيم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.