لاهور – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزارت جي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم کي پنهنجي آمريڪا جي ايندڙ دوري بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير دوري د??ران عالمي مالياتي اداري، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن سان پنهنجي طئي ٿيل ملاقات?? جي حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي.