اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن ممتاز زهره بلوچ شام ۾ ايراني قونصلخاني تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ اسرائيل جي ”مهم جوئي“ ناقابل قبول آهي، غزه ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ اڳ کان غيرمستحڪم خطي ۾ غيرذميواراڻي حملي تي ان کي جوابده ٿيڻ گهرجي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ تر??ما?? چيو ته هن هفتي شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي غيرذميواراڻي حملي سان خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي هڪ نئين سطح تي پهچي وئي آهي، اهو حملو گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ ڪنوينشنز جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته گذريل 6 مهينن دوران عالمي انساني قانون جي منظم خلاف ورزين ۾ ملوث رهيا آهن، انساني بحران جو شڪار ماڻهن جي ل??ءِ خوراڪ آڻيندڙ انساني امدادي قافلي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. غزه ۾ انساني امدادي قافلن تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي هن انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي حڪمن تي ”فوري، مڪمل ۽ موثر“ عملدرآمد ۽ اسرائيل جي ڏوهن تي عالمي احتساب جو مطالبو ڪيو. تر??ما?? چيو ته اسان 25 مارچ تي منظور ڪيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2728 تي مڪمل ۽ تيزي سان عملدرآمد جي ل??ءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مستقل جنگبندي، انساني امداد جي فراهمي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن ايران جي ڏکڻ اوڀر صوبي سيستان ۽ بلوچستان جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ خميس ڏينهن دهشتگرد حملي جي پڻ مذمت ڪئي ۽ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جا منتظر آهيون. بشام ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي ڳالهائيندي تر??ما?? چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي ل??ءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي حملي کانپوءِ چيني فرمن پار??ن منصوبن تي ڪم عارضي طور تي روڪيو ويو هو پر سيڪيورٽي آڊٽ کانپوءِ ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ٽي ٽي پي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندو ۽ افغان عبوري حڪومت مان اميد آهي ته هو پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث عسڪريت پسند گروپن يا قوتن جي خلاف ڪارروائي ڪندي. پاڪست??ن مان غيرقانوني غيرملڪي شهرين جي واپسي بابت تر??ما?? چيو ته اها پاليسي افغانين جي ل??ءِ مخصوص نه آهي پر ان ۾ پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غيرملڪي شهرين جي انهن جي وطن واپسي شامل آهي. هن چيو ته غيرملڪين جي هڪ محدود انگ کي ??لڪ بدر ڪيو ويو ڇو ته اڪثريت رضاڪاراڻي طور تي واپس وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ون ويزا پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ڇو ته پاڪستان ايندڙ سمورن غيرملڪين وٽ درست پاسپورٽ ۽ ويزا هجڻ گهرجي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جي سيڪريٽري وقار احمد شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽريز جي 19 هين اجلاس ۾ شرڪت جي ل??ءِ آستانه، قازقستان جو دورو ڪيو جنهن ۾ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. پنهنجي بيان ۾ سيڪريٽري خطي ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڏورس اثرن بابت خبردار ڪيو ۽ دهشتگردي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تي زور ڏنو. ترجم??ن ميڊيا کي ٻڌايو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون کي 2024ع جي ل??ءِ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪميشن جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صدارت دوران سفير جدون گهڻ رخي مڪالمي ۽ تعاون جي اصولن کي برقرار رکندو ۽ گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي واري ڪميشن جي مينڊيٽ کي فروغ ڏيندو ته جيئن هٿيارن جي خاتمي جي شعبي ۾ مختلف مسئلن تي غور ۽ سفارشون پيش ڪيون وڃن. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي تر??ما?? چيو ته ڀارتي قابض عملدار هڪ ڀيرو ٻيهر سرينگر جي عيدگاهه ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سرينگر جي تاريخي جامع مسجد جي خطيب ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي سندس ابن ڏاڏن جي ياد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت کان روڪڻ جي ل??ءِ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي پرامن ميڙ ۽ مذهبي آزادي جي حق جو احترام ڪن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ل??ءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.