اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻ??هي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ٻ??هي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايراني سفير صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻ??هي جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي، بئنڪنگ تعاون ۽ فضائي ۽ ڪ??روباري رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان چاهه بهار – زاهدان ريل روڊ سان وچ ايشيا، يورپ ۽ ترڪيءَ سان واپاري جي لاءِ فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ?? پاڪ ايران لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملندي. هن ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پاران صدر جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو.