اس??ام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي ٽن ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪ??ر عارف علوي جسٽس نعيم اختر ا??غان جي بطور جج سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مقرري جي منظوري ڏني. جسٽس نعيم اختر ا??غان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس آهي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي جسٽس نعيم اختر ا??غان جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) 13 تحت ڏني. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪڙ جي بطور وقتي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرري جي پڻ منظوري ڏني وئي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي جسٽس محمد هاشم خان جي بطور وقتي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 196 تحت ڏني. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان جي بطور چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ مقرري جي پڻ منظوري ڏني. جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان لاهور هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي. صدر مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) 13 تحت ڏني.