اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ ??بدالله بن زي?? النهيان ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزير جو عهدو ??نڀ??لڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران گڏيل عرب امارات جي هم منصب سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي سطحي تعاون جي پائيدار رفتار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته آئون گڏيل عرب امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ شيخ ??بدالله بن زي?? النهيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان.