ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)عام چونڊون 2024ع لاءِ سنڌ صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي(اڄ )خميس 08 فيبروري تي چونڊ ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي 61 جنرل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ گڏيل طور 1130 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن جن ۾ 1048 مرد اميدوار ۽ 82 عورت اميدوار شامل آهن، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 130 جنرل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ 2795 اميدوارن ۾ مقابلو آهي. جن ۾ 2644 مرد اميدوار ۽ 151 عورت اميدوار شامل آهن. ان حوالي سان سنڌ صوبي ۾ ڪل 19906 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.جن ۾ مردن لاءِ 4443 ۽ عورتن لاءِ 4313 پولنگ اسٽيشنز جڏهن ته 10250 گڏيل پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن م??ن 6524 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس، 6545 کي حساس ۽ 5937 کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ صوبي ۾ ڪل 2 ڪروڙ 69 لک 94 هزار 7 سئو 69 ووٽر آهن جن ۾ مرد ۽ عورت ووٽرن جو انگ ترتيبوار 14612655 ۽ 12382114 آهي. پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان پرامن م??حول ۾ جاري آهي جيڪو شام 5 وڳي تائين بن?? ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. ان سلسلي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله ضلعي رٽرننگ آفيسرن، پوليس ۽ انتظاميه سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي شفاف، منصفاڻيون ۽ اڻڌريون چونڊون منعقد ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته چونڊن کي پر امن طريقي سان منعقد ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا و??ن ?? ان ڏينهن کي ڪاميابيءَ سان انجام تي پهچايو وڃي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته بن?? ڪنهن خوف جي ووٽ ڏئي پنهنجو قومي فرض اد?? ڪن.