اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي جو ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل تحت آءِ ٽي کي ملڪ جي ترجيحي شعبن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان دنيا جي 190 ملڪن کي آءِ ٽي جون خدمتون ف??اهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ف??ي لانسنگ جي ل??ءِ ٽيون سڀ کان وڏو مقبول ملڪ بڻجي چڪو آهي، ملڪ جي ننڍن شهرن ۾ وڌيڪ 40 سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پ??رڪ?? قائم ڪيا ويندا، ملڪي ترقي ۾ آءِ ٽي جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪندو. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽيڪ ڊسٽينيشن پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ جو دور جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي جو دور آهي، ٽيڪنالاجي جا اسان جي زندگي جي سمورن رخن تي اثر پيا آهن، مصنوعي ذهانت سميت ٽيڪنالاجي جا جديد ذريعا هاڻي هڪ بنيادي ضرورت بڻجي چڪا آهن جن جي ڪري سماجي ۽ معاشي فائدا حاصل ٿي رهيا آهن ۽ قومن جي ترقي ۾ پڻ انهن جو وڏو اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پائيدار اقتصادي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حقيقي صلاحيت مان ف??ئدو کڻڻ جي ل??ءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو اسان جي ڌيان جو محور آهي ۽ اسان ٽيڪ ڊسٽينيشن جي آئيڊيا کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مواصلات جي شعبن نمايان ترقي ڪئي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي انڊسٽري معيشت جي بهتري، روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سي??پڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي 190 ملڪن کي آءِ ٽي جون خدمتون ف??اهم ڪري رهيو آهي، آءِ ٽي جي شعبي جي جديد دور ۾ تمام گهڻي اهميت آهي ۽ اهو شعبو جديديت، ٽيلينٽ جي دستيابي، حڪومتي سهولتن ۽ ٻين قدمن جي ڪري ناليج اڪانومي جو هڪ لازمي حصو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته 90 سي??ڙو کان وڌيڪ ٽيلي ڊينسٽي سان آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل خدمتن جي آف شور آئوٽ سورسنگ جي ڪري تازو ئي پاڪستان کي مالياتي طور تي دنيا ۾ ٻيو وڏو پرڪشش ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، ان کانسو??ءِ پاڪستان ف??ي لانسنگ جي ل??ءِ ٽيون سڀ کان وڏو مقبول ملڪ بڻجي چڪو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت پائيدار ترقي جي ل??ءِ آءِ ٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، پاڪستان ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ جي ل??ءِ تعاون جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ٽيڪ ڊسٽينيشن جي طور تي ڪردار سان ڊيجيٽل اڪانومي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو وڌيڪ ترقي ڪندو. نگران وزيراعظم چيو ته خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي مختلف ڪميٽين ف??ال انداز ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، ايس آئي ايف سي تحت ٻين ترجيحي شعبن سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي شموليت آءِ سي ٽي انڊسٽري جي ترقي جي ل??ءِ اسان جي حڪومت جي عزم جو عڪاس آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي سان وڏا ثمر حاصل ٿيندا، ان سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، روينيو وڌندو، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌندا، ڊيجيٽل معيشت ۾ آءِ ٽي جو ڪردار انتهائي اهم آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ڊيجيٽل پاليسي جي ذريعي اقتصادي خوشحالي ۽ عوام کي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پ??رڪ?? جي انگ ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ ان جو انگ هاڻي وڌي 30 تائين پهچي ويو آهي. ان کانسو??ءِ ملڪ جي ننڍن شهرن ۾ وڌيڪ 40 سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پ??رڪ?? قائم ڪيا ويندا ۽ مختلف ڍانچاجاتي قدمن جي ذريعي ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن تي عمل ڪندي آءِ ٽي جي شعبي جي ل??ءِ هر قسم جو سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو جنهن ۾ وسيع البنياد قانونسازي، ريگيوليٽري ۽ آپريشنل قدم شامل آهن، مصنوعي ذهانت سان تعليم، ٽرانسپورٽ، ماليات، صحت سميت مختلف شعبن ۽ انڊسٽري ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت مصنوعي ذهانت بابت قومي پاليسي جو مسودو تيار ڪيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي ل??ءِ سڄي دنيا مان آءِ ٽي جي ماهرن جون خدمتون هاصل ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏنو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل 5 مهينن دوران پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن جي ترقي جي ل??ءِ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا آهن جن ۾ 10 هزار اي روزگار مرڪزن جو قيام، پاڪستان اسٽارٽ اپس فنڊ، ڊيجيٽل اڪانومي جي فروغ جي منصوبي جي منظوري، ٽيلي ڪام اپيلٽ ٽربيونلز جو قيام ۽ نيشنل اسپيس پاليسي جهڙا قدم شامل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون، علم تي ٻڌل معيشت جي ل??ءِ حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فري لانسرز جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان اسٽارٽ اپس فنڊ قائم ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ فري لانسرز جي موثر شرڪت حوصلي جوڳي آهي، پاڪستان جو آءِ ٽي جو شعبو بهترين ڪ??رڪ??دگي جو مظاهرو ڪندڙ شعبو آهي، انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي ل??ءِ هر ممڪن تعاون ف??اهم ڪندي.