اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطل??عا??، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي صدارت ۾ سنڌي زبان جي عظيم شاعر شيخ اياز جي 100 هين سالگرهه جي تقريب منعقد ڪرڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ثقافت ۽ قومي ورثي وارو نگران وفاقي وزير جمال شاهه، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پڻ ??ريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطل??عا?? ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته شيخ اياز جديد سنڌي ش??عري جو سڀ کان وڏو شاعر ۽ اديب هو، شيخ اياز پنهنجي ش??عري جي ش??وعات اردو شاعري سان ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌي ش??عري ۾ اعليٰ ترين مقام حاصل ڪيو. ثقافت ۽ قومي ورثي واري نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو ته شيخ اياز سنڌي ش??عري ۽ ادب ۾ نوان رجحان متعارف ڪرايا، هو نه رڳو سنڌ پر ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر آهي. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته شيخ اياز جي ش??عري کانسواءِ جديد سنڌ جو تصور ممڪن نه آهي، شيخ اياز عهد ساز شاعر هو، سندس شمار انهن ليجنڊز ۾ ٿئي ٿو جن جي زندگي ۾ ئي انهن جي عملي ۽ ادبي تخليق تي ڪم جي ش??وعات ٿي وئي هئي. اجلاس ۾ سنڌي زبان جي مشهور شاعر شيخ اياز جي ادبي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تقريب ۾ بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ، سينيٽر مشاهد حسين سيد، افتخار عارف، سليمه هاشمي، سيد احمد شاهه، مونس اياز سميت ڪيترين ئي ناليوارين شخصيتن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ 1923ع ۾ پيدا ٿيندڙ شيخ اياز جي زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ سندس شاعري جي سفر جي عڪاسي ڪندي دستاويزي فلم پڻ ??قريب ۾ پيش ڪئي ويندي جڏهن ته تقريب ۾ پينل مباحثو، مڪالمو ۽ موسيقي جا پروگرام پڻ ??امل هوندا. اجلاس ۾ اطل??عا??، قومي ورثي ۽ تعليم واري وزارتن جي اعليٰ عملدارن پڻ ????ڪت ڪئي.