ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي بولان تي ”هزارگي“ زبان ۾ نشريات شروع ٿيڻ تي هزاره بر??دري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان جو مق??د ۽ هدف پي ٽي وي تي علائقائي زبانن جي بر??بر نمائندگي کي يقيني بڻائڻ آهي، پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي نشريات هزاره بر??دري جو پراڻو مطالبو هو جيڪو اڄ پورو ٿي ويو آهي، پي ٽي وي بولان جي نشريات هاڻي عام انٽينا جي ذريعي ڏورانهن علائقن ت??ئين ڏسي سگهبي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي ٽي وي بولان اڳ ۾ ئي بلوچي، پشتو ۽ بر??هوي زبانن ۾ پنهنجي نشريات پيش ڪري رهيو آهي جڏهن ته اڄ هزاره بر??دري جي پراڻي مطالبي تي به هزارگي زبان ۾ به نشريات شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي وي بولان جي نشريات ڪيبل ۽ سيٽلائيٽ تي اڳ کان موجود هئي، اها نشريات عام انٽينا جي ذريعي به ڏسي سگهبي جنهن سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو فائدو کڻي سگهندا جيڪي سولر ۽ انٽينا جي ذريعي پي ٽي وي بولان جي نشريات ڏسي سگهندا. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورائتا آهيون جو هن اسان جي ان قدم جي حوصلا افزائي ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان هلندڙ مهيني پي ٽي وي ملتان جي نشريات جو وقت وڌائي 24 ڪلاڪ ڪيو. هن چيو ته اسان ري بر??ڊ ڪاسٽ سينٽرز جي ٽرانسميشنز جي انگ ۾ به اضافو ڪيو آهي، اڳ ۾ 22 ري بر??ڊ ڪاسٽ سينٽرز ڪم ڪري رهيا هئا، هاڻي ڪان ميترزئي ۾ وڌيڪ هڪ ري بر??ڊ ڪاسٽ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن سان انهن جو انگ 23 ٿي ويو آهي. هن چيو ته اهي ري بر??ڊ ڪاسٽ سينٽرز ماڻهن ت??ئين پي ٽي وي جي نشريات پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو مق??د پي ٽي وي بولان تي علائقائي زبانن جي بر??بر نمائندگي يقيني بڻائڻ آهي.