اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وز??ر حسين امير اللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني والاريل فلسطين خاص طور تي غزه جي خراب صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن جنگبندي جي فوري ضرورت، گهير??ءُ ختم ڪرڻ، غزه جي ماڻهن کي طبي سامان سميت بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل جي بنياد تي وچ ??وڀ?? ۾ پائيدار امن جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي ٻيهر شروعات تي زور ڏنو. نگران پرڏيهي وز??ر 15 ڊسمبر تي ڏکڻ ??وڀ?? ايران ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايراني سيڪيورٽي اهلڪار ماريا ويا هئا. هن دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم تي زور ڏنو ??يڪو علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي. ٻنهي پرڏيهي وز??رن تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل پاڪستان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورج??ءُ ڪيو ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.