اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي. سڄي دنيا ۾ ۽ لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي ڪشميري 27 آڪٽوبر (جمعي) کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارتي فوج غير قانوني طور تي سرينگر ۾ لٿي هئي جنهن والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن تي ڏاڍ ۽ جبر، قبضي، مظلوميت ۽ تسلط جو باب شروع ڪيو. هر سال 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عا??مي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجن وعدن کي ياد ڪرائڻ آهي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا. ڪشمير ميڊيا سروس رپورٽ مطابق ان ڏينهن ڀارتي غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عوام طرفان مڪمل شٽر ڊائون ڪيو ويندو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستا?? ۽ ??ڄي دنيا ۾ احت??اج?? مارچ، ريليو?? ۽ ??يمينارز جو بندوبست ڪيو ويندو. ڪشميري عوام ۽ مهذب دنيا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جي علائقي تي حملي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي نريندر مودي جي قيادت هيٺ هندوتوا ڀارتي حڪومت ط??فان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي.