اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، ??سان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا ذميوار آهيُون، مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، ??ندس بيان جو مناسب جواب اليڪشن ڪميشن ??ي ڏئي سگهي ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، ??ندس بيان اليڪشن ڪميشن ڏسي ورتو هوندو، اها ئي ان جو مناسب جواب ڏئي سگهي ٿي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، ??سان اليڪشن ڪميشن جي مدد جا ذميوار آهيون. نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته نواز شريف جي واپسي جو نگران حڪومت سان ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام شاندار آهي.