نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي دوري دوران ??ڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان ??اري بي??ن موجب نگران وزيراعظم اڄ عالمي ترقياتي قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم پا??يدار ترقياتي هدفن تي اعليٰ سطحي سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم جي ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ??ان پڻ ملاقاتون متوقع آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پا??ان ??المي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.