اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي پاڪستان جي باني قا??داعظم محمد علي جناح کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ سمورون ڌيان تعليم جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي تي ڏيڻو پوندو. صدر باباءِ قوم قا??داع??م جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان کي قا??داع??م جي ويزن موجب هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته قا??داعظم امن، برابري، قانون جي بالادستي، معاشي ۽ سماجي انصاف ۽ اقليتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اڄ جي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي عظيم اڳواڻ قا??داعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن قا??داع??م جي دورانديش ۽ مدبراڻي قيادت ۾ گهٽ عرصي ۾ پاڪستان حاصل ڪيو، قا??داعظم ڀرپور انداز ۾ هنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو ۽ هڪ جدا رياست جو قيام عمل ۾ آندو. ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قا??داع??م جي ٻڌايل سنهري اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قا??داع??م جي ويزن موجب ملڪ جي ڪمزور طبقن سميت عورتن ۽ نوجوانن ج?? ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ورسيءَ جي موقعي تي قا??داعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي جي پڻ دعا ڪ??ي.