اسلام ??با?? – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊون م??عق?? ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي، آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪوبه مٿڀيد وارو سلوڪ نه رکنداسين. اها ڳالهه هن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئ??. م??تضيٰ سولنگي چيو ته شفاف چونڊون م??عق?? ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، آئين تحت اها گڏيل ذميواري پوري ڪنداسين. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مرتضيٰ سولنگي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏن??. م??تضيٰ سولنگي چيو ته هو جلد ڪراچي جو دورو ڪندو.