اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافي برادري کي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي لاء?? پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اها ڳالهه پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪس ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (ايمنڊ) جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ افضل بٽ، ارشد انصاري، ناز آفرين سهگل، سرمد علي، شهاب زبيري، شڪيل مسعود، اعجازالحق، ڪاظم خان، اياز خا?? ۽ ??ظهر عباس شامل هئا. ??در ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ، پيمرا قانون ۾ ترميمون متعارف ڪرائڻ تي ميڊيا برادري جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سرڪاري اشتهارن کي اليڪٽرانڪ ميديا ملازمن جي رهتن جي ادائيگي سان ڳنڍڻ سان انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. ??در وفد سان قانونسازي جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ترميمي بل موجوده ميڊيا قانون ۾ بهتري آندي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ميڊيا رضاڪاراڻي طور تي نوجوانن کي فيڪ نيوز، ڊس ا??فارميشن بابت آگاهه ڪري، نوجوان فيڪ نيوز سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ٻارن کي خاص طور تي فيڪ نيوز جي اثرن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. ??در چيو ته ميڊيا خاص طور تي سينيئر صحافي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين سان رابطا وڌائين، سينيئر صحافي صحافت جي ميدان ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائين بابت شاگردن کي آگاهه ڪن. ??در معاشري ۾ مڪالمي ۽ خيالن جي آزاداڻي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميديا جي نئين شڪلين خاص طور تي سوشل ميڊيا جي حرڪيات کي سمجهڻ گهرجي، ميڊيا جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي اخلاقيات، سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ۽ تعميري ا??تع??ال بابت ٻڌائي. وفد ??در کي نئين بل جي مختلف شقن بابت ٻڌايو. هن چيو ته ترميمي بل سان صحافي برادري سان گڏوگڏ ميڊيا ملازمن کي فائدو ٿيندو. وفد ??در پاران حمايت، ميڊيا ڪميونٽي کي درپيش مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا.