اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جي خ??ص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر ريئر ايڊمرل ايلين ??اوباچر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو ٻن ڏينهن دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وفد ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي، دفاع واري کاتي ۽ وائيٽ هائوس جا ميمبر شامل هئا. هن چيو ته آمريڪي وفد 19 جولاءِ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي ۽ ??ال??ي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي طرفن جي عوامي نمائندن ۽ عهديدارن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايلين ??اوباچر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل مفاد حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.