اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته راندين جي شعبي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، ٻيهر موقعو مليو ته تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين، نوجوان ڪنهن به ملڪ جو سرمايو هوندا آهن، محدود وسيلن جي باوجود نوجو??نن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، پوري قوم ملڪ جو نالو روشن ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل ڏينهن 60 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو، دوست ملڪن جي معاونت سان معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، نوجو??نن جي محنت ۽ جدوجهد سان پاڪستان اڳتي وڌندو، نوجو??نن جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم يوٿ اس??ورٽس انيشي ايٽو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بين الصوبائي رابطن وارو وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي نوجو??نن جي معاملن واري خاص معاون شزا فاطمه کانسواءِ رانديگرن جو وڏو انگ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن پنهنجي محنت سان راندين جي ميدان ۾ نالو ڪمايو آهيج نهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. گهٽ وسيلن جي باوجود پنهنجي ٽرينرز، ڪوچ ۽ والدين جي دعائن سان پاڪستان جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو. پاڪستان ٻين ميد??نن ۾ جيڪڏهن سستي ڏيکاري آهي ته انهن نوجو??نن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو جهنڊو پوري دنيا ۾ بلند ??يو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ 5 ارب رپين جو وزيراعظم فنڊ جو اعلان وفاقي وزير احسان الرحمان ڪيو. وفاقي وزير ۽ خاص معاون تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. ان 5 ارب رپين ۾ رانديگرن جي ٽڪيٽس، لاجسٽڪس، رهائش ۽ ڪٽس شامل هونديون. اهي 5 ارب رپيا پوري ملڪ جي لاءِ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن. ڪروڙين نوجو??نن کي جيڪڏهن صحيح ماحول ۽ سهولتون ملي ته دنيا جي بهترين ٽيمن کان اهي اڳتي نڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته ايندڙ حڪومتون ان بجيٽ کي وڌائينديون. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 60 ڪروڙ ڊالر جو گذريل ڏينهن اضافو ٿيو آهي. چين جي بئنڪ اها رقم رول اوور ڪئي، اها معمولي ڳالهه نه آهي، اسان احسان ڪندڙن کي ياد رکون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن. اسان جي دعا آهي ته انهن ذخيرن ۾ قرضن بدران اسان جي رت پگهر ۽ محنت سان اضافو ٿئي. اس??يشل اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پنهنجي ٻارن کان اسان کي سبق ۽ همت حاصل ڪرڻ گهرجي. اهي ٻار هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيا آهن، انهن جي ئي محنت جي ڪري پاڪستان اڳتي وڌندو. وزيراعظم يقين ڏياريو ته جيڪڏهن الله ٻيهر موقعو ڏنو ته قوم جي انهن ڪروڙين ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ ۽ سجائڻ ۾ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهو سڀ الله ۽ ان کانپوءِ قوم جي هٿ ۾ آهي. وزيراعظم جي نوجو??نن جي معاملن واري خاص معاون شزا فاطمه خواجه خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) راندين جي فروغ کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي، شهباز شريف بطور وزيراعظم ڊپارٽمينٽل اس??ورٽس کي بحال ??يو آهي. حڪومت ٽيلينٽ هنٽ ڪرايا آهن. هن مهيني جي آخر ۾ قومي سطح تي مقابلا هوندا. اس??ورٽس انيشي ايٽو تحت راندين جي فروغ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا. انڊوومنٽ فنڊ قائم ??يو پيو وڃي ان ۾ هر سال اضافو ٿيندو. ان سان اڳوڻي رانديگرن کي به مالي امداد ملندي. فوري طور تي خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ اڍائي ارب رپيا رکيا ويا آهن. اس??ام آباد ۾ پهرين اس??ورٽس يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي. تقريب کي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري خطاب ڪندي چيو ته گذريل چار سالن ۾ راندين جي شعبي کي نظرانداز ??يو ويو. محدود وسيلن جي باوجود راندين جي شعبي جي بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.ر اندين جو انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اس??ورٽس انيشي ايتو موجوده حڪومت جي راند دوستي جو ثبوت آهي. وزيراعظم ان موقعي تي چترال سان تعلق رکندڙ ٽيبل ٽينس جي اس??يشل رانديگر الطاف الرحمان کي اس??ورٽس ويل چيئر جي خريداري جي لاءِ ساڍا 3 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم اس??يشل اولمپڪس ۾ تمغو حاصل ڪندڙ رانديگرن کي 50 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي پهرين اس??ورٽس يونيورسٽي جو افتتاح پڻ ڪيو.