اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف قائد نواز شريف جي نوجوانن کي مستقبل جو معمار بڻائڻ ۽ انهن کي ترقي سان همڪنار ڪرڻ جي ويزن تي ٻيهر عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، علم سان محبت ڪندڙ نوجوانن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپس جي ورڇ جي اڄ ٻيهر ان دعا سان شرو??ات ٿي رهي آهي ته ”نوجوان ترقي جو ڇُهي وٺن آسمان“.پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هي اهو پروگرام آهي جنهن کي فتني، فساد ۽ انتشار جي منصوبي ساز (سياسي رشوت) چئي دشمني ڪئي وئي هئي. هن چيو ته هي پروگرام نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي، تعليم، هنر سان ليس ڪرڻ، روزگار، ڪاروبار جي لاءِ سرمايو فراهم ڪرڻ، صحت??ند بڻائڻ جي لاءِ ??ان??ين ۽ مثبت سرگرمين ۾ شموليت جي روشني آهي. جيڪو ان ڪاري سوچ کي مٽائيندو، جيڪا نوجوانن کي مري وڃڻ، ماري ڇڏڻ، ساڙڻ طرف اتساهي پنهنجي ڪڌن ارادن جي لاءِ نوجوانن جي هٿ ۾ ليپ ٽاپ بدران پيٽرول بم، بندوق، گُ??يل، پٿر ۽ ڏنڊا ڏي ٿي، عمارتن، قومي ادارن تي حملي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرائي ٿي، انهن جي خلاف غليظ مهم هلائي ٿي ۽ نوجوانن کي پنهنجي ڪڌي ايجنڊا جو ٻارڻ بڻائي ٿي.