اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آ??ري??ا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آ??ري??ا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪن??لا??ي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آ??ري??ي سفارتخاني ۾ آ??ري??ا جي 247 هين قومي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آ??ري??ا ۽ ان جي عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آ??ري??ا برابري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آ??ري??ا جي 75 سالن وارن دوستاڻن لاڳاپن ۾ لاها چاڙها رهيا آهن پر هاڻي آ??ري??ا سان اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن. آ??ري??ا اسان جو وڏو واپاري حصيدار آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ آ??ري??ا گڏجي ڪم ڪيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 80 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جي قرباني ڏني. وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو پر ان جي باوجود دهشتگردي جي خلاف اسان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته اسان آ??ري??ا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪن??لا??ي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيتن مان انفارميشن ٽيڪن??لا??ي سميت ٻين شعبن ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي جنهن س??ن لکين ماڻهو متاثر ٿيا. ان مشڪل وقت تي آ??ري??ا اسان جي وڏي مدد ڪئي. هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ غلط فهمين جي ڪري پاڪ آ??ري??ا لاڳاپا متاثر ٿيا پر موجوده حڪومت جي سنجيده ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بحال ڪيو ويو. هن يقين ڏياريو ته پاڪ آ??ري??ا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين ۽ انهن لاڳاپن کي بلندين تائين وٺي وينداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته آ??ري??ا جو اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ آ??ري??ا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان پاڪستان سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.