اسلام آ??اد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفار??خا??ي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ملڪن جي نوجوانن جي خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ افهام ۽ تفهيم کي وڌائڻ، ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ عملي ۽ دوستاڻي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ تائيڪوناٽس آف شنزو 15 جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان مُوجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آ??اد ۾ چيني سفار??خا??ي شنگهائي تعاون تنظيم جي فرينڊشپ ۽ تعاون ڪميشن (جي اين ايف سي سي)، چائنا مينڊ اسپيس ا??جنسي، آل چائنا يوٿ فيڊريشن، چائنا سونگ چنگ لنگ فائونڊيشن ۽ ايس سي او يوٿ ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ جي تقريب جي گڏيل ميزباني ڪئي. تقريب ۾ چيني سفار??خا??ي جي ناظم الامور پينگ چنڪسو، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين شاهد محمود بيگ، انسٽيٽيوٽ آف پيس ا??نڊ ڊپلوميٽڪ اسٽڊيز جي باني آصف فرحت، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي اسلام آ??اد جي ميمبرن ۽ مختلف اسڪولن جي پاڪستاني شاگردن شرڪت ڪئي. اسلام آ??اد ماڊل ڪاليج فار گرلز جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي عليزه جميل چيني خلاباز کان خلا ۾ ساهه کڻڻ جو طريقو پڇيو ته خلاباز ان جو جامع طريقي سان جواب ڏنو. تائيڪوناٽس آف شنزو 15 يونٽ نوجوانن جي افق کي وسيع ڪرڻ ۽ پراسرار ۽ متنوع ڪائنات جي ڳولا بابت انهن جي خوابن کي روشن ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. نوجوان پاڪ چين دوستي جا نوجوان سفير ۽ ٻنهي ملڪن جي اميد آهن، اهو رشتو نسل درنسل منتقل ٿيڻ گهرجي. هلندڙ سال بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پراجيڪٽ ۽ سي پيڪ جي ڏ??ين سالگرهه آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ان جو هڪ اهم حصو آهي ۽ يقينن سي پيڪ جي اعليٰ معيار ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ مضبوط تعاون فراهم ڪندو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ڪيتريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن ۾ پاڪستان دوائن جي ٻجن جو چيني خلائي اسٽيشن تان تجربن کانپوءِ واپسي پڻ شامل آهي. چين جي ترقي ۽ چيني جديديت پاڪستان ۽ دنيا جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪندي.