اسلام آباد – 10اپريل (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سڀني کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خو??حا?? معاشري جي تعمير لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ت?? آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي (50 هين سالگرهه) جي موقعي تي ديس واسين کي مبارڪون ڏيان ٿي، پنهنجي عظيم قائد ۽ آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي جنهن ان تاريخي دستاويز کي تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ت?? هي اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان ڏکئي ۽ ڊگهي سفر ۾ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ وڃايو آهي. هن چيو ت?? اڄوڪي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ڪارڪنن ۽ سمورن جمهوريت پسند ماڻهن کي سلام پ??ش ڪريان ٿي جن آئين ۽ جمهوريت جي ان سفر ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، آئون آصف علي زرداداري ۽ اتحادي حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن 2010ع ۾ 18 هين ترميم پاس ڪري 73 ع جي آئين کي بحال ڪيو. شيري رحمان چيو ت?? اسان جي قوم لاءِ آئين هڪ جمهوري، منصفاڻو ۽ ??را??ر معاشري جي رهنما اصولن جو ڪم ڪري ٿو، آئين وفاق جي سمورين ڌرين ۽ شهرين وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو آهي. هن چيو ت?? هي شهيد ڀٽو جو آئين ئي آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ مضبوطي سان جوڙي رکي ٿو ۽ وکرڻ نٿو ڏي. اچو پنهنجي آئين ۾ داخل قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ عزم ڪريون ۽ آئين جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خو??حا?? ۽ ??را??ري معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.