اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هيگ ۾ ??و پي سي ڊبليو جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سفير فرنينڊو ايرياس سان م??اقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان م??جب ڌ??ين پاڪستان ۽ ??و پي سي ڊبليو جي وچ ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??و پي سي ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل فرنينڊو ايرياس ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر طور ڪردار ۽ صلاحيت سازي جي مختلف پروگرامن ۾ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان پنهنجي صلاحيت سازي جي پروگرام ۽ سڄي دنيا مان شرڪت ڪندڙن جي لاءِ عالمي تربيتي ڪورسز جي ذريعي پاڪستان ??و پي سي ڊبليو جي ڪم ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن کي لاڳو ڪرڻ ۾ فعال طور تي تعاون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري ??و پي سي ڊبليو پاران ڪيل ڪم کي ساراهيو ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان ڪ??م ٽيڪ سينٽر جي جلد آپريشنل ٿيڻ جو منتظر آهي.