ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام ووٽ جي طاقت سان نام نهاد مقبول اڳواڻن جو پول به کولي ڇڏيو، بلدياتي ??ون??ن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي واحد سڀ کان وڏي پارٽي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن جيالي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ??ون??يو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن پاران بلدياتي ??ون??ن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ ڪيو آ??ي. ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي زنجير آهي ۽ ملڪ جي سمورن طبقن تي ٻڌل ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي فتح سڄي ملڪ جي فتح آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ، عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجندو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ??ون??ي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آ??ي. ??يئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آ??ي. ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته بلدياتي ??ون??ون کٽيندڙ سڀني جيالي اميدوارن جي ذميواري آهي ته اهي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. واضح رهي ??ه ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ يونين ڪائونسل چيئرمين پيپلزپارٽي جا ڪامياب ٿيا آهن، ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آهي.