اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال اپريل کان وفاقي سرڪاري عمارتن ۽ آفيسن کي شمسي توان??ئي تي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قابل تجديد ۽ سستي توان??ئي ذريعن تي دارومدار وقت جي اهم ضرورت آهي، تيل ۽ گئ?? جو ساليانو درآمدي بل 27 ارب ڊالر ۽ گردشي قرص 2500 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، گذريل 30 سالن دوران توان??ئي جي شعبي ۾ سڌارا نه ڪيا ويا، پي ٽي آءِ حڪومت سستو تيل ۽ گئ?? خريد نه ڪري ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪي ڇڏيو، اتحادي حڪومت ملڪ جي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف جو پروگرام جاري رکڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار شمسي توان??ئي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مهانگي درآمدي ٻارڻ جي ڪري ملڪ کي معاشي مسئلا درپيش آهن، روس – يوڪرين جنگ سان تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنگ جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي گئ?? جو به بحران پيدا ٿيو آهي، امير ملڪ من پسند قيمت تي گئ?? خريد ڪري رهيا آهن، اسرندڙ مُلڪ مهانگي اگهن تي گئ?? خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، گذريل مالي سال دوران ملڪ کي 27 ارب ڊالر جو ٻارڻ ۽ گئ?? درآمد ڪرڻي پئي، اهو هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ڪورونا وبا دوران تيل ۽ گئ?? جون قيمتون گهٽ ٿي ويون هيون پر پي ٽي آءِ جي حڪومت سستو تيل ۽ گئ?? خريد نه ڪري بدترين غفلت جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ کي معاشي مسئلن طرف ڌڪيو جنهن جو ڪِيتو قوم ڀو??ي رهي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور ۾ قطر سان گئ?? جي خريداري جو 15 سال جو 13 ڊالر في يونٽ تي معاهدو ڪيو ويو هو، اڄ دنيا ۾ گئ?? دستياب نه آهي، تيل جي قيمت تمام وڌيڪ آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي قيادت هيٺ قائم ڪميٽي ڪجهه مهينن ۾ اهو منصوبو ٺاهيو ته اسان کي شمسي ۽ قابل تجديد ذريعن جي استعمال تي ڌيان ڏيڻو پوندو، هوا، پن بجلي ۽ شمسي توان??ئي جي استعمال سان تيل جي درآمدي بل ۾ گهٽت??ئي آڻي سگهجي ٿي، مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور ۾ ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيمن تي ڪم شروع ٿيو، ان کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهي ڊگهي مدي وارا منصوبا آهن جن جي لاءِ کربين رپيا گهربل آهن ۽ اهي 6 کان 7 سالن ۾ مڪمل ٿيندا، مسلم ليگ (ن) هزارين ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪري لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، سي پيڪ تحت به ڪيتر??ئي پاور پلانٽس لڳايا ويا، پورٽ قاسم ۽ ساهيوال ۾ ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪيا ويا، 2015ع ۾ 20، 20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ هئي جنهن سان برآمدات، صنعتن ۽ زراعت کي نقصان پهتو پر ميان نواز شريف ايل اين جي جا پلانٽس هڻي ان لوڊشيڊنگ کي 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ختم ڪري ڇڏيو هو. وزيراعظم چيو ته گذريل 30 سالن دوران توان??ئي جي شعبي ۾ ڪي سڌارا نه ڪيا ويا ۽ ان جي ذميوار آمريت ۽ سياسي حڪومتون به آهن، اسان کي توان??ئي جي شعبي ۾ سڌارا ڪرڻا پوندا، انهي جي ڪري گردشيقرض جو مسئلو به پيدا ٿيو، بجلي چوري، لاسز ۽ بلن جي عدم ادائيگي به ان ۾ شامل آهي ۽ اهو هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي، گردشي قرض هاڻي 2500 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته وفاقي پي ايس ڊي پي 700 ارب رپيا آهي جنهن کان گردشي قرض چنئوڻ تي وڌي چڪو آهي، 8 مهينن جي حڪومت 30 سالن جي خامين کي ختم ن?? ٿي ڪري سگهي پر شروعات ڪرڻي پوندي ۽ عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو، قوم کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته بدانتظامي ۽ ڪرپشن کانسواءِ ڪهڙا چئلينج درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو، بيوروڪريسي جي خلاف به ڪيس ٺاهيا ويا، نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو بدترين انتقام ۽ بربريت فاشسزم جي برابر آهي، انهن انتقامي ڪاررواين سان سرڪاري آفيسرن جي به دل شڪني ٿي ۽ ان سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪيو ويو، عمران نيازي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪيو ۽ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توان??ئي جي منصوبي جي شروعات ٿي چڪي آهي، لائين لاسز ۽ بجلي چوري گردشي قرضن ۾ اضافي جا وڏا سبب آهن، مهانگ??ئي ۾ پيڙهيل عوام جون اسان مان تمام گهڻيون اميدون آهن، عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون، قائداعظم جي اصولن موجب ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته قابل تجديد ۽ سستي توان??ئي ذريعن تي دارومدار وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته توان??ئي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪوئلي کي به استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، شمسي توان??ئي جي استعمال سان اربين ڊالر جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته مهانگ??ئي ۾ پيڙهيل عوام جون اسان مان تمام گهڻيون اميدون آهن، مخلوط حڪومت عوام تي بار ن?? ٿي وجهڻ چاهي پر آءِ ايم ايف سان اڳوڻي حڪومت معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي جنهن جي ڪري آءِ ايم ايف به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪڏهن آبادگارن کي يا زرعي شعبي کي سبسڊي ڏيڻي هجي يا ٻوڏ متاثرين جي امداد ڪرڻي هجي ته اسان کي آءِ ايم ايف سان رجوع ڪرڻو پوي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي جاري رکڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي، اسان کي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي، عوام کي مهانگ??ئي جي بار مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ فوري اهڙا قدم کڻڻا پوندا جن سان زرعي ۽ صنعتي شعبا ترقي ڪن، اسان کي بچت طرف به وڃڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته عوام تي مهانگ??ئي جو بار گهٽ ڪرڻ جو فوري قدم شمسي توان??ئي ج?? استعمال آهي، بهاولپور ۾ پهرين قائداعظم سولر پارڪ ج?? اسان بنياد رکيو هو جنهن جو ٽيرف نيپرا 17 سينٽ کان گهٽ ڪري 13 سينٽ تي آندو هو، اهي سمورا قدم ٽيم ورڪ جو نتيجو هوندا آهن، اسان اهو منصوبو شفاف طريقي سان لڳايو پر ان جي خلاف به بي بنياد ۽ بيهوده پروپئگنڊه ڪئي وئي ڇو ته هڪ لاڏلي کي تيار ڪيو پئي ويو، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس پنجاب ۾ 56 ڪمپنين جي خلاف ڪاررو??ئي ڪئي پر انهن ڪمپنين جي معاملن ۾ هڪ رپئي جي به ڪرپشن ثابت ن?? ٿي سگهي جڏهن ته قوم جو وقت ضايع ڪيو ويو، اهڙي طرح سرڪاري آفيسرن کي بدنام ڪري ترقي جي رفتار روڪي وئي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري عمارتن کي شمسي توان??ئي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، متبادل توان??ئي جي ترقي جو بورڊ ان سلسلي ۾ سموري خريداري جو مجاز هوندو ۽ هر وزارت ۽ کاتي جي پنهنجي فنڊنگ هوندي، ان جي لاءِ ڪا اضافي رقم به گهربل نه هوندي، ايندڙ سال اپريل کان سمورين وفاقي عمارتن ۽ آفيسن کي شمسي توان??ئي تي منتقل ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ واڪ جو سمورو عمل شفاف هوندو ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ب?? ٿيندي، اسان جي لاءِ هڪ هڪ ڊالر هن وقت قيمتي آهي ۽ شمسي توان??ئي تي سرڪاري عمارتن جي منتقلي سان قومي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، جنهن وزارت جي عملدرآمد جي رفتار تيز ۽ بهتر هوندي ان وزارت جي وزير ۽ سيڪريٽري کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽس ڏنا ويندا. هن چيو ته شمسي توان??ئي جي لاڳت هن وقت 3 سينٽ في يونٽ آهي، ان سان اربين ڊالر جي بچت ٿيندي، آبادگارن کي جيڪا بجلي 24 رپيا في يونٽ ملي رهي آهي شمسي توان??ئي تي منتقلي سان 8 رپيا في يونٽ ملندي، اه?? اسان جي بقاءَ جو معاملو آهي، زراعت، صنعت، ڪاروبار، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن سڀني کي شمسي توان??ئي تي منتقل ڪرڻ قومي خدمت هوندي. هن چيو ته صوب??ئي وڏا وزير، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون حڪومتون به شمسي توان??ئي جي استعمال کي فروغ ڏين، وفاقي حڪومت ان ۾ مڪمل تعاون ڪندي، اپريل تائين وفاقي حڪومت جي سمورين آفيسن ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توان??ئي تي منتقل ڪيو ويندو.