اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان قطر جي پاڪستان ۾ سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل آل ثاني ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ف??فا ورلڊ ڪپ منعقد ڪرڻ تي قطر جي سفير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي قطر جي پرڏيهي وزير جي ف??فا ورلڊ ڪپ مئچ قطر ۾ ڏ??ڻ جي دعوت پهچائي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قطر سان پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ اسلامي اخوت ۽ ڀ??ئي??اري، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا قائم آهن.