اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪست??ن اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽر??ر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳال??ائ??ندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر ??عظ?? اطلاعات واري ??فاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳال??ائ??ندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پاڪست??ن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهترين مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پار??ن اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر ??عظ?? انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪست??ن اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.