نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ?? حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پا??ان ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي ا??ليٰ سطح بحث مباحثي جي افتتاحي ا??لاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز ??? ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ٽپهر وزيراعظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ا??ارتي بورڊ سان گڏ انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خصوصي نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.