ثمرقند – 16 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي روڪٿام لاءِ لازمي قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ گڏيل امن ۽ ترقي جي لاءِ خطري جو سبب بڻجندڙ مسئلن جي علائقائي حل لاءِ نئين سر جستجو ڪن. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته مون شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل کي خطاب دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميمبر ملڪ اسان جي گڏيل امن ۽ ترقي جي لاءِ خطري جو سبب بڻجندڙ مسئلن جي علائقائي حل لاءِ نئين سر جستجو ڪن. هن ??يو ته اسان جي لاءِ خطري جو سبب موسمياتي تبديلين جي روڪٿام هڪ اهڙي ئي لازمي ضرورت آهي جنهن ??ي اسان قطعي طور تي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون.