راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ 75 هون دفاع جو ڏهاڙو گڏيل جوش ۽ جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ تق??يري مقابلن، ملي نغمن ۽ ٽيبلوز ذريعي 1965ع جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، ان موقعي تي سيمينارز ۽ ڪانفرنسز پڻ منعقد ڪيون وينديون، 6 سيپٽمبر تي دفاع جي ڏهاڙي طور تي ملهائڻ جو مقصد اه?? آهي ته نئين نسل کي باور ڪرائي سگهجي ته ڀارت 1965ع ۾ رات جي اونداهي ۾ ڪهڙي طرح بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڀارت کي سخت جواب ڏئي نه رڳو ملڪ جو دفاع ڪيو پر ڀارت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پهرين س??پٽمبر 1965ع تي جڏهن اه?? اطلاع ملي ته ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پاڪستاني فوج کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو بڻاي?? آهي ته پاڪ فضائيه هوائن ۽ فضائن ۾ پنهنجي حڪمراني ۽ عملداري قائم رکي، پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جارحاڻي انداز ملڪ جي فضائي حدن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو.