اسلام آباد– 30 – آگسٽ (??ي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب ام??رات جي صدر شيخ محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. شيخ محمد بن زيد هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان کي هر ممڪن ام??اد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب ام??رات جي صدر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن سان اٽڪل 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1162 جي لڳ ڀڳ فوت ۽ 3554 زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل عرب ام??رات پاران فراه?? ڪئي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وقت سر ام??اد ۽ تعاو?? تي ٿورا مڃيا ۽ ام??رات هلال احمر ۽ خليفه بن زيد فائونڊيشن پاران پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ام??ادي سرگرمين کي ساراهيو. شيخ محمد بن زيد قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن مشڪل وقت ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪ?? تي ٻڌل، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاو?? تي ٻڌل آهن، ??هي گڏيل لاڳاپا دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاو?? تي ٻڌل آهن.