اسلام آباد – 25 – آگسٽ (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ??کر ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم اسلام آباد پهچڻ کا?? فوري پوءِ اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد، ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي ۾ تعاون جي لاءِ عالمي حصيدارن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ريسڪيو، ريليف، متاثرين ۾ روڪ رقم ورهائڻ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ا??ن ڊي ايم اي چيئرمين ۽ هنگامي امداد جي صوبائي ادارن ٻوڏ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم اڄ جمعي ڏينهن ??کر ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو، متاثرين سان ملندو.