اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي جاپاني هم منصب هياشي يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏ??هي وزيرن ??اڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ن ۾ گذريل 70 سالن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي اڳوڻن ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏ??هي وزير هياشي يوشيما پاڪ جاپان لاڳاپن کي رفتار فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفا رابطا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي م??ام??ن تي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.