اسڪردو – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي پائيدار ترقي ل??ءِ معياري ??عليم ۽ هنرمندي افرادي قوت اڻٽر آهي، پيشيوراڻي تربيت حاصل ڪرڻ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين ل??ءِ اهم آهي، شاگرد ڊجيٽل مهارت ۽ فري لانسنگ جي تربيت سان مالي خودمختياري ??ي خواب کي شرمنده تعبير ڪري ??گهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽيي آف بلتستان جي پنجين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ڪامياب ٿيندڙ شاگردن، والدين ۽ استادن کي مبارڪباد ڏني ۽ ا??هن جي روشن مستقبل ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مستقبل جي چئلينجز کي م??هن ڏيڻ ۽ خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ل??ءِ گلگت بلتستان جي قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ ل??ءِ باصلاحيت ۽ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورت آهي، صرف هنرمند افرادي قوت جي ذريعي ئي معاشي انقلاب آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته مارڪيٽ کي تربيت يافته پروفيشنل خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند ماڻهن جي ضرروت آهي، 2030ع تا??ين دنيا کي سابئر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت هوندي، هن چيو ته 2 سالا اي??وس??ئيٽ ڊگري پروگرام جي گهرج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي يونيورسٽين کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري نوجوانن خاص طور تي عورتن ل??ءِ عالمي مارڪيٽ جا دروازا کلي ويا آهن، نوجوانن سميت عورتون گهر ويٺي آن لا??ين روزگار ڪمائي سگهن ٿيون، صدر چيو ته اسلام ۾ عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، ان ل??ءِ عورتن شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اسڪلز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ج??هن سان هو پنهنجي گهر ۾ رهي آساني سان باعزت روزگار ڪمائي سگهن ٿيون، هن شاگردن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪميونيڪيشن اسڪلز کي بهتر ڪن ته ج??ين هو ڊجيٽل ۽ آن لا??ين پليٽ فارمز جي ذريعي موثر مارڪيٽنگ ڪري ??گهن، هن چيو ته موسمياتي تبديلي خطي جي مستقبل ل??ءِ وڏو خطرو آهي ان ل??ءِ يونيورسٽين کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي م??هن ڏيڻ ل??ءِ تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ماحول جي تحفظ ۽ ماحول دوست طريقن تي عملل ڪري موسيماتي تبديلي جي بحران ۽ عالمي حدت کي م??هن ڏيڻ ل??ءِ ڪوششن جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت بلتستان ۾ اچي سدا??ين خوشي ٿيندي آهي،هن علائقي وانگر هتي جا ماڻهو به خوبصورت آهن جيڪي ملڪي ترقي، استحڪام ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن، هن چيو ته شاگردن کي سخت محنت ڪري ??عليم حاصلڪ ئي آهي جيڪا ا??هن ل??ءِ الله جي رحمت آهي، هن شآگردن تي زور ڏنو ته هو پنهنجا دماغ کليا رکن ۽ سڄي زندگي تعليم حاصل ڪرڻ جاري ??کن. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ميڊلز به ورهايا.