اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پ??ڪس??ان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار شريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر افغانستان جي عوام جي لاءِ هنگامي امدادي ??ام??ن موڪليو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي ??ام??ن ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئا. پ??ڪس??ان پاران افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خوراڪ ۽ عارضي رهائشگاهن جي ??ام??ن تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪليو ويندو. بيان موجب پ??ڪس??ان هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان افغان عوام جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اميد آ??ي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ متاثر ماڻهن کي وقت سر امداد ۽ معاشي امداد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪ??دي.