اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قري??ي سان جمهوريه مص?? جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سم??ت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي مص??ي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيو آ??ي. ??خدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مص?? خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ آ??ي. ??ن چيو ته مص??ي صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مص?? جو سياسي استحڪام ۽ س??امتي طرف سفر خوشي جوڳو آ??ي. ??خدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آ??ي. ??نهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب آهي. مص?? جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.