لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياسي محاذ تي ??هريون ۽ اهم مرحلو اسلام آباد آهي، حڪومت سياسي محاذ تي ??ُراعتماد ۽ مستحڪم آهي، پنجاب جي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت سان فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظها?? هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ جاري ترقياتي ??نصوبن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار ۽ مملڪتي ??زير فرخ حبيب ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سان گڏ خميس ڏ??نهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ??اهور پهتو .