اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عو??تن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگ??ي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ عو??تن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عو??تن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي وڪ??لت ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آ??ي، پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پي??ن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ عو??تن وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو آ??ي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيون آهن. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت عو??تن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آ??ي، هن پنهنجي گهرن تي ئي ٻارن ۾ عو??تن جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.