اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي ڊگهي بنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آ??ي. ??ها ڳالهه هن آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي چ??نڊيل سفير سردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ سا??س ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏوگڏ ٻطرفي وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي گامزن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته اقتصادي سفارتڪاري جي ??ريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڏياريو وڃي، شاهه محمود قريشي چ??و ته اميد آهي ته توهان جهڙا وسيع تجربي جا حامل ۽ مڃيل سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي هدايتن تي عملدرآمد جي ??اطري ڪرائي.