اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿي??، خصوصي پرڏيهي س??ڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار سميت پرڏيهي وزارت جي س??نئر افيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر 2021ع تي افغانستان جي صور??حا?? جي حوالي سان پاڪستان او آء?? سي پرڏيهي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪئي، ان اجلاس جي ڪاميابي ۾ اسان جي س??ورن ادارن بي مثال ڪردار ادا ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪري پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس 22/23 مارچ 2022ع تي پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي وزير کي او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جو جائزو ورتو ۽ انهن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.