اسلام ??باد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانست??ن ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس، آئون چاهيان ٿو ته عالمي برادري ان مسئلي تي قدم وڌ??ئي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ”افغانين جون حياتيون بچايو“ جو هيش ٽيگ به لڳاي??. ه?? پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته افغانست??ن ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس. آئون چاهيندس ته عوام ??فغانست??ن ۾ پيدا ٿيندڙ ان انساني بحران بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالمي قدمن ۾ ساٿ ڏي جنهن انساني بحران سان افغانست??ن ۾ لکين ماڻهو خاص طور تي ٻارن جي زندگين کي بک ۽ غربت جو خطرو آهي. گذريل ڇنڇر ڏينهن به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام کي فوري انساني ريليف فراهم ڪري، جنهن کي سخت غذائي ک??ٽ درپيش آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي لاءِ اهو فوري نوعيت جو معاملو آهي ۽ گڏيل قومن جي متفقه طور تي اختيار ڪيل پرنسپل آف ريسپانسبلٽي ٽو پروٽيڪٽ (پي آر 2 پي) تحت غذائي ک??ٽ جو شڪار لکين افغانين کي فوري انساني ريليف جي فراهمي انهن جي ذميواري آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ ڊيلي گارڊين ۾ ڇپجندڙ هڪ نيوز اسٽوري پڻ ٽيگ ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم گورڊن برائون جو لکيل هڪ آرٽيڪل آهي جنهن ۾ هن برطانوي فارن سيڪريٽري لزٽورس کي چيو آهي ته هو افغانستان جي لاءِ ساڍا 4 ارب ڊالر جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊونر ڪانفرنس گهرائي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خوراڪ جو فوري انتظام نه ڪيو ويو ته 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي غذائي ک??ٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿ??. ه?? چيو ته برطانيا کي ان ڪم ۾ ليڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين جي امداد ڪري سگهجي. گڏيل قومن پاران سال 2022ع جي لاءِ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي ساڍا چار ارب ڊالر جي اپيل ڪئي وئي آهي.